آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم: فريال جي درخواست تي نيب کي نوٽيسز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي سندس ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائڪ چيو آهي ته آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن، طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پمز اسپتال کي آصف زرداري جي بيماري جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اڳوڻي صدر کي طبي بنيادن تي ضمانت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پمز اسپتال جي ايم ايس کي حڪم ڏنو ته نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ اُن ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت پُڇيو ته ڪنهن جي حڪم تي آصف زرداري لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو؟ جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي، بورڊ ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پمز اسپتال وارن کي چئون ٿا ته ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪن، عدالت 11 ڊسمبر تائين آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *