غداري ڪيس بي بنياد آهي، ملڪ لاءِ جنگيون وڙهيون آهن:پرويز مشرف

دبئي (م ڊ) اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي،منهنجي طبيعت خراب آهي، ڪيس ۾ ڪميشن منهنجو بيان رڪارڊ ڪري. دبئي ۾ جي اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر پرويز مشرف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي، غداري کي ڇڏيو، مون ملڪ لاءِ جنگيون وڙهيون آهن، 10 سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته منهنجي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، چڪر اچڻ بعد بيهوش ٿي ويس ته مونکي اسپتال آندو ويو، ڪميشن منهنجو بيان رڪارڊ ڪري. ڪيس ۾ زيادتي ٿي آهي، عدالت ۾ منهنجي وڪيل کي نه ٻڌو ويو. هن چيو ته اميد آهي ته مون کي عدالت مان انصاف ملندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *