پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ پاران تنظيم کي فعال ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ سرگرميون تيز

 خيرپور (رپورٽ شاهد نواز سيال  )پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيزونگ پاران تنظيم کي فعال ۽ مظبوط بنائڻ لاءِ سرگرميون تيزڪري ڇڏيون خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ڪنگري، گمبٽ،سوڀوديرو،فيض گنج ٺري ميرواه ،خيرپور، ڪوٽڏيجي، نارا تعلقن سميت مختلف علائقن جا دورا ،شهيد بينظير ڀٽو جي 12 هين ورسي ۾ليڊِزونگ خيرپور جون عورتون ڀرپور شرڪت ڪنديون،ضلعي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ .ان سلسلي ۾ پ پ ليڊيز ونگ خيرپور ضلعي جي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ پاران تنظيم کي وڌيڪ مظبوط ۽ فعال بنائڻ لاءِ مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا، ان موقعي تي پ پ پ ليڊيز ونگ قرت العين ،سمرين عباس دستي ،بينظير ابڙو،رابعه عباسي .عظيمان خاصخيلي. فردوس جوڳي.زرينه لاشاري.سميت خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ليڊيز ونگ جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي عورتن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي پ پ ليڊيز ونگ خيرپور ضلعي جي صدرايڊووڪيٽ زينب بلوچ چيو ته پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ آصف علي زرداري جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهير پر وفاقي حڪومت ان کي علاج سهولت فراهم نه ٿي ڪري هن چيو ته فريال ٽالپور ۽ آصف علي زرادري کي ڪوڙن ڪيسن تحت جيلن ۾ رکي سياسي انتقام ورتو پيو وڃي ، تبديلي سرڪار نواز شريف پرديهه مان علاج جي اجازت ڏئي ۽ آصف زرداري جي علاج لاءِ ڪراچي وڃڻ جي اجازت نه ڏئي ٻٽو قانون قائم ڪيو آهي، هن چيو ته پارٽي قيادت جي اعتماد تي پوري لهڻ ،ذميواري کي احسن طريقي سان انجام ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس،هن چيو ته خيرپور ضلعي جي عورتن جي مسئلن جي حل لاء ايم اين اي مهرين ڀٽو جي قيادت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندس،پپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن  پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ،ملڪ کي مظبوط بنائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو پروگرام صرف پيپلز پارٽي وٽ آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *