اسپيشل ماڻهن جي حقن لاءِ خاص عدالتون قائم، کين انصاف درن تي پهچائڻ ۾ مددگار ٿينديون:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته رحم دلي ۽ انسانيت دوستي اسان جو قومي شعور آهي، اسپيشل ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ اسيمبلي سال 2017 ۾ اسپيشل ماڻهن بابت قانون کي ترميمن ذريعي وڌيڪ بهتر بڻايو، آرٽ زم جي شڪار ٻارن جي بحالي ۽ تربيت جو سينٽر ساراهه جوڳو قدم آهي، پ پ اسپيشل ماڻهن جي ڀلائي جو مشن کين ٻين شهرين جهڙا حق ۽ سهولتون ملڻ تائين جاري رکندي، اسپيشل ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته اسپيشل ماڻهن جي ڀلائي ۽ حق پ پ جي پهرين ترجيح آهي، بلاول ڀٽو چيو ته گڏيل قومن جي اسپيشل ماڻهن جي حقن بابت ڪنويشن تي عملدرآمد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سٺي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جي صوبائي حڪومت سرڪاري کاتن ۾ معذور ماڻهن جو ڪوٽا 2 مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪيو آهي، اسپيشل ماڻهن جي حقن لاءِ خاص عدالتون قائم، کين انصاف درن تي پهچائڻ ۾ مددگار ٿينديون، پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ اسپيشل ماڻهن کي عوامي هنڌن تي اچڻ وڄڻ وقت ڏکيائين جو خاتمو ۽ سولايون پيدا ڪيون پيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *