ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته هر شهري کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.ٻڌڻ کان محروم ماڻهو هاڻ گاڏي به هلائي سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خاص ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خاص ماڻهن لاءِ جيترو به ڪم ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. خاص ماڻهو تمام گهڻا باصلاحيت آهن .ان ٻارن جي بحالي اسان لاءِ نهايت اهم آهي. جڏهن کان چارج سنڀاليو آهي ان ماڻهن جي لاءِ بهتر قانونسازي ڪئي آهي.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن ٻڌڻي کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيو. ٻڌڻ کان محروم ماڻهو به هاڻ گاڏي هلائي سگهن ٿا پهريان هنن کي لائسنس جاري ڪرڻ جي قانون ۾ ڪابه گنجائش نه هئي