اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو، اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف کوسو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته فرزانه راجا ۽ علي احمد لنڊ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف ريفرنسز ۽ انڪوائريز جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران 6 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرازانه راجا خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ ۾ مبينا طور 13 هزار غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ وارو ريفرنس علي احمد لنڊ ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي الزام آهي ته سنڌ جي مڪاني کاتي ۾ جعلي ڀرتيون ڪير قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي.