پهرين اسان جو وزيراعظم نئون ٿيندو، پوءِ ترميم ٿيندي:بلاول ڀٽو زرداري جو اعلان

اسلام آباد(بيورو): پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پهرين اسان جو وزيراعظم نئون ٿيندو پوءِ ئي آئين ۾ ترميم ٿيندي.اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدت ۾ توسيع جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جا منتظر آهيون تنهن ڪري اميد آهي ته عدالتي فيصلي سان اسان کي قانونسازي ۾ رهنمائي ملندي، جيئن 18هين ترميم تي به عدالتي فيصلي سان رهنمائي ملي هئي.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ائين لڳي رهيو آهي ته وزيراعظم مخالف ڌر سان اتفاق راءِ نٿو چاهي، حڪومت 3 مهينن ۾ هڪ نوٽيفڪيشن ناهي ٺاهي سگهي ته مون کي نٿو لڳي ته حڪومت 6 مهينن م قانوسازي تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي سگهندي.هن جو چوڻ هو ته (ن) ليگ اپوزيشن سان صلاح مشوري کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 3 نالا وزيراعظم کي موڪليا آهن. وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم هر موقعي تي مخالف ڌر جي جماعتن کي نشانو بڻائيندو رهي ٿو، وزيراعظم اڃا تائين ڪنٽينر تي بٺل آهي، وزيراعظم جي رويي سبب ملڪ جو ۽ سڀني ادارن جو نقصان ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته پهرين اسان جو وزيراعظم نئون ٿيندو ۽ پوءِ ترميم ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ڊگهي عرصي کان هلي رهيو آهي، ان جو اڃا تائين فيصلو ناهي اچي سگهيو. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *