سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سٽي فورم جيڪب آباد جي طرفان مچ ڪچهري

جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سٽي فورم جيڪب آباد جي طرفان مچ ڪچهري جي تقريب جو اھتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، اديبن، شاعرن، شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سنڌي ثقافت امن، انسانيت، سويلائيزيشن ۽ اسلامي تھذيب جوآئينوآهي. تفصيل موجب سٽي فورم جيڪب آباد طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ سنڌي ثقافت جي ڏينهن حوالي سان تقريب ۾ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، اديبن، شاعرن، شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ سنڌ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شرڪت ڪندڙن کي ٽوپي اجرڪ پھريل ھئا، سنڌي کاڌن ساڳ، چانورن جي ماني، سنڌي برياني سان آيلن جي مھمان نوازي ڪئي وئي. انهيءَ موقعي تي جي يو آءِ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري، پ پ ش ڀ جي ضلعي صدر نديم قريشي، ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻ علامه مقصود علي ڊومڪي، سٽي فورم جي چيئرمين حماداللہ انصاري، شلو ڪمار، عبد الحئي سومرو، جان اوڍاڻو، نديم بھرا ڻي، شاھ محمد لاشاري، ميان احمد بليدي،محمد طيب سومرو، گل بليدي، خادم اوڍاڻو، پروفيسر الطاف پيچوهو، دلمراد لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي. سنڌي ثقافت امن ڀائيچاري، رواداري جو درس ڏي ٿي. ھنن چيو ته جيڪي قومون پنھنجي تھذيب، ثقافت کي وساري ڇڏين ٿيون اھي قومون تاريخ مان مٽجي وينديون آهن. سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي چار وڏي تھذيبن مان ھڪ آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *