ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اينٽي ڪرپشن، آبپاشي ۽ عشر و زڪوات واري وزير سنڌ ۾ بدعنوان عنصرن جي خلاف ڪاروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ اشارو ڏنو آهي. هن چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب جاري رهندو، جڏهن ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف پڻ ضابطه موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. اينٽي ڪرپشن ۽ اسٽبلشمينٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي سهيل انور سيال کاتي جي آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ پوري صوبي ۾ بدعنواني خلاف ڪيل ڪاروائين جو سمورو رڪارڊ، انگ اکر ۽ مقدمات جي چالان جي تفصيل سان ديٽا جي شڪل ۾ محفوظ رکڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. اجلاس دوران کاتي جي آفيسرن پاران اينٽي ڪرپشن کاتي جي صوبائي وزير جي حوصله افزائي ڪندي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ بدعنوان عنصرن خلاف ڇاپا هڻي ڪارروايون جاري رکيون وينديون، جنهن جي نتيجي ۾ کاتي تي عوام جو اعتماد وڌيڪ بهتر ۽ بحال ٿي رهيو آهي. جنهن تي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته بغير ڪنهن فرق جي ڪارواين تي اينٽي ڪرپشن کاتي جو عوام جي سامهون مثبت تاثر اجاگر ٿيڻ سٺو عمل آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو اجلاس دوران ضلعن ۾ سرڪل آفيسر جي خالي آسامين کي ڀرڻ جا پڻ حڪم جاري ڪندي چيو ته سمورا سرڪل آفيسر پنهنجي ضلعن ۾ متحريڪ رهن ۽ بدعنوان عنصرن خلاف ملندڙ شڪايتن تي تحقيقات کان پوءِ قانون جي دائري ۾ رهندي ڪاروائي ڪيون وينديون. اينٽي ڪرپشن ، آبپاشي ۽ عشرو زڪوات واري وزير سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن ۽ عملي جيڪي ڇاپا هنيا آهن انهن کي عدالت ۾ ثابت ڪرڻ لاءِ سمورا گهربل دستاويز ، ثبوت ۽ شاهدين کي وقت سر عدالت ۾ پيش ڪن جڏهن ته ڪنهن به مقدمي جا چالان جمع ڪرائڻ سست روي برداشت نه ڪئي ويندي.