اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري مامري تي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪٿي گڙٻڙ ٿي آهي؟ ٻڌايو وڃي ته فوج ۾ سٺي ڪارڪردگي واري آفيسر کي ڪهڙي قاعدي تحت عهدي تي برقرار رکيو ويندو آهي. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ڪميشنڊ آفيسر جي تعريف (تشريح) نه آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته تعريف آهي، اُهي اعليٰ آفيسر سڏائيندا آهن. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته ماضيءَ ۾ جنرل ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وٺندا رهيا آهن، پر ڪنهن نه پُڇيو، هاڻي مامرو اسان وٽ آيو آهي ته اُن جو به طئه ڪري وٺون ٿا. سُپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ٻيا پيش ٿيا. جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آرمي چيف جي رٽائرمينٽ جي مُدي جو ذڪر ئي نه آهي، ڪيترائي (رولز) قاعده خاموش آهن، ڪجهه روايتون بڻجي ويون آهن. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته آرمي جي حلف ۾ آهي ته جان ڏيڻي پوي ته ڏيندو، اهو به جُملو آهي ته ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ پاڻ کي ملوث نه ڪندو. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ٻڌڻيءَ ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته حلف ۾ آهي ته آرمي آفيسر جي حلف ۾ آهي ته جيڪڏهن جان ڏيڻي پئي ته ڏيندو، اها تمام وڏي ڳالهه آهي، ”آئون پاڻ کي ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ شامل نه ڪندس“، اهو جُملو به حلف جو حصو آهي. جيڪڏهن سياسي سرگرمين ۾ حصو نه ورتو وڃي ته تمام سٺي ڳالهه آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته اڄ تائين ڪنهن به اهو سوال نه اُٿاريو آهي، هاڻي جڏهن سوال ٿيو آهي ته اُن کي ڏسنداسين. رولز ۾ آرمي چيف جي مُدي جو ذڪر ئي نه آهي. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته قاعدن ۾ آرمي چيف جي رٽائرمينٽ ۽ فارغ ڪرڻ جو ذڪر ئي نه آهي، اٽارني جنرل صاحب! توهان جيڪا ترميم کڻي آيا آهيو، اها آفيسرز لاءِ آهي، توهان جو آرمي چيف اُن ۾ اچي ئي ڪو نه ٿو. اڃا تائين اها اسڪيم سمجهه ۾ نه آئي آهي ته آرمي چيف جي ملازمت ۾ ڪهڙن قاعدن تحت واڌ ڪئي وئي آهي. سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مقرري ۽ توسيع کي قانون جي روح پٽاندڙ سمجهڻ لاءِ آرمي ايڪٽ جو شق وار جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو آهي ته اسان جي اڳيان شخصيتون نه، قانون آهي، ڪا شئي قانون موجب صحيح نه آهي ته اسان فيصلو ڪنداسين