ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ڪابينا پرڳڻي جي سرڪاري شعبي ۾هلندڙ سمورين يونيورسٽين ۾ نوڪرين تي پابندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪا به يونيورسٽي سنڌ حڪومت جي منظوري بنا نوڪري ڏيندي، انهي يونيورسٽي جي انتظاميا سنڌ حڪومت کان پئسا گهرڻ نه اچي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جون يونيورسٽيون سنڌ سرڪار کان پئسن جي گهر ڪرڻ وقت اهو تاثر ڏينديون آهن ته اهي سخت مالي بحران جو شڪار آهن پر ٻئي طرف اهي وقت بوقت ڀرتيون ڪنديون رهن ٿيون، انهي ڪري يونيورسٽين کي سختي سان هدايت ٿي ڪجي ته اهي سنڌ حڪومت جي منظوري بنا ڪي به ڀرتيون نه ڪن، ڪابينا جي اهڙي فيصلي بابت بريفنگ ڏيندي سڌ سماءِ واري وزير سعيد غني چيو ته يونيورسٽيون مالي بحران جو روئڻ روئنديون رهن ٿيون، اسان کين پئسا اضافي ڀرتين لاءِ نه پر تعليم لاءِ ڏيون ٿا، جيڪڏهن اهي مالي بحران ۾ آهن ته پوءِ اضافي ڀرتيون ڇو ٿا ڪن؟ هاڻي اضافي ڀرتيون ڪندڙ يونيورسٽيون سنڌ حڪومت وٽ پئسن لاءِ نه اچن، هن چيو ته اسان يونيورسٽين جي سينڊيڪيٽ يا سينيٽ سميت ڪنهن به اداري جي اختيار ۾ نه مداخلت ڪريون ٿا ۽ نه ئي گهٽائڻ چاهيون ٿا پر اسان معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪري رهيا آهيون، سنڌ ڪابينا سنڌ بينڪ کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٻه ارب روپيا ڏيڻ، سنڌ ليزنگ ڪمپني کي سنڌ بينڪ ۾ ضم ڪرڻ سميت سمورن سرڪاري کاتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجا سمورا پئسا سنڌ بينڪ ۾ جمع ڪرائين