ميان نواز شريف کي لنڊن ۾ علاج ڪرائڻ بدران واپس ڏيهه اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي : سنڌ جو گورنر

ڪراچي (استاف رپورتر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ميان نواز شريف کي لنڊن ۾ علاج ڪرائڻ بدران واپس ڏيهه اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي، ڇو ته لنڊن جي گهٽين ۾ جيئن رٽيل ٿراپي ڪرائي رهيو آهي ان سان ان جو وقار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مولانا فضل رحمان جي پلان اي ۽ بي جو سلسلو هاڻ پلان ڊي ايڇ ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جو پلان زيڊ اچي ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ڄام نواز علي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڄام معشوق علي ورسي جي تقريب ۾ ميڊيا سنا ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ميان نواز شريف بيماري جو سبب ٻڌايو لنڊن ويو آهي، پر لنڊن جي بازارن ۽ گهٽين ۾ سندس تصويرون ۽ وڊيوز ڏسي افسوس ٿي رهيو آهي، هن چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ ان ئي گهر ۾ رهي ٿو جيڪا ملڪيت هن اڃاتائين پنهنجن اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي، هن چيو ته نواز شريف جا اهڙا ڪم ڏسي ان تي انڌو عقيدو رکندڙ ووٽرز کي به افسوس ٿيندو هوندو ۽ اهي سوچيندا هوندا ته نواز شريف هميشه ڏکئي وقت ۾ کين اڪيلو ڇڏي ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو، مولانا فضل رحمان جي ڌرڻي بابت هڪ سوال تي هن چيو ته مولانا جو شو فلاپ ٿي چڪو آهي ۽ اڄ تائين اها خبر ناهي پئجي سگهي ته هو ڇو ڌرڻي لاءِ آيو هو ۽ واپس ڇو هليو ويو، هن چيو ته ڌرڻي کانپوءِ روڊ رستا بند ڪرڻ سندس پلان بي هو پر هاڻ جو پلان ڊي ايڇ مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جو پلان زيڊ اچي ويندو، هڪ سوال تي گورنر چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ماڪڙ کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪرائڻ ۽ ڪتي جي ڏاڙهڻ جي بچاءَ کان ويڪسين جو بندوبست ڪرڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي پر ان جي باوجود سنڌ جي وزير ان ڏس ۾ وفاق کي مدد لاءِ هڪ خط لکيو آهي، هن خاطري ڪرائي ته جلد وفاقي حڪومت ماڪڙ کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪرائڻ، ڪتي جي ڏاڙهڻ کان بچاءَ جي ويڪسين ۽ پوليو جي بچاءَ لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي، ان موقعي تي پ پ جو ايم پي اي ڄام مدد علي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي، ڄام نفيس علي ۽ ٻيا موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *