اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس تي ٽرائل مڪمل ڪرڻ ۽ فيصلو جاري ڪرڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن طرفان پرويز مشرف جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ ۽ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. جنهن ۾ موقف رکيو ويو آهي ته سُپريم ڪورٽ پهرين مارچ تي خصوصي عدالت کي ٽڙائل مڪمل ڪرڻ جون واضح هدايتون ڏئي چڪي آهي. عدالت عظميٰ چيو هو ته مشرف جي عدم پيشيءَ جي صورت ۾ دفاع جو حق ختم ٿي ويندو.