حب: ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس حادثي جو شڪار، ست ڄڻا فوت ايڪٽيهه زخمي

حب(م ڊ) ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر لسبيله موجب حادثي جو شڪار بس اورماڙه کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ واري هنڌ اونهي کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 7 مسافر فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز، ليويز ۽ نيوي جون ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. لاشن ۽ زخمين کي اورماڙه جي پي اين ايس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *