اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جا سمورا پلان ناڪام ٿي ويا آهن عوام کين بري طريقي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نوازشريف جي ڦڙتين سموريون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن نوازشريف جي چهري سمورن رازن تان پردو کڻي ڇڏيو آهي. اسان کي ان ڳالهه جي اميد رکڻ گهرجي ته نوازشريف جلد پنهنجي بيماري جي حوالي سان حتمي سڃاڻپ بابت قوم کي آگاهه ڪندو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته الله تعاليٰ جي شڪر گذار آهيان جنهن مون کي عدالت جي آڏو سرخرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان عدالتي اصلاحات بابت پرعزم آهي. هن چيو ته او آءِ سي ناروي جهڙن واقعن تي قدم کڻي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي آواز به ٻڌي. جڏهن ته بابري مسجد جي واقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. ملڪ جي سياست تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اپوزيشن جا سمورا پلان پوري طرح ناڪام ٿي ويا آهن.اپوزيشن جي انتهاپسندانه سوچ کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ڪوبه اسلام جو ٺيڪيدار پاڪستان جي اڳيان وڌڻ واري رستي ۾ نه ايندو. مولانا ۽ سندس ڀائيوارن کي 2018 ۾ به مايوسي ٿي عوام انهن جي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آئنده به پاڪستاني سياست ۾ انهن جي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي