ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ ماڪڙ جو خطرو، زراعت کاتي وفاق کان 3 جهاز ۽ 32 گاڏين سميت وڏي مقدار ۾ پيسٽائيڊ گهريورتيون، سنڌ ۾ گذريل پنجن مهينن کان موجود ماڪڙ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت اندروني اختلافن سبب ختم نه ٿي سگهي ۽ فصلن لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ جي آبادگارن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته زراعت کاتي به هاڻي ماڪڙ مارڻ لاءِ وفاق کي خط لکي سنجيدگي ظاهر ڪئي آهي. ان ڏس ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ماڪڙ، ڏڪار سميت هر قدرتي آفت ۾ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ اختيار ڪيو آهي، گذريل سال برسات نه پئي ۽ پاڻي جي کوٽ هئي ته اسان متاثر علائقن جي آبادگارن کي بئنڪن جو قرض معاف ڪرڻ لاءِ وفاق کي لکيو پر ان جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويو، هاڻي به وفاق اسان جي مدد بدران مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، ماڪڙ وارياسي علائقي ۾ مارڻ وفاقي حڪومتي جي ذميواري آهي پر اهي ڪجهه نه ٿا ڪن، جڏهن ته ماڪڙ کي مارڻ لاءِ ايندڙ دوائون به وفاقي حڪومت ئي گهرائي سگهي ٿي پر اهي ڪا به مدد نه ٿا ڪن، نتيجي ۾ هن وقت سنڌ جي چئن ڊويزنن شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ ماڪڙ انتهائي خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي ۽ اهو وڏو نقصان ڪري سگهي ٿي. جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته 3 جهاز ۽ ڦوهاري واريون خاص گاڏيون هر ڊويزن لاءِ 8-8 ڏنيون وڃن، جڏهن ته وافر مقدار ۾ دوائون به ڏنو وڃي، جيئن ماڪڙ ماري سگهون، باقي سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل رقم کي ماڪڙ مارڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون.