اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان جا بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان رابطا، 26 نومبر تي اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جي يو آءِ جي پڌرائي موجب مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سان پڻ فون تي رابطو ٿيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان اي پي سي گهرائڻ ۽ رهبر ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ذريعن موجب بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ جلد ملاقات جو به امڪان آهي، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان اپوزيشن اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيو آهي ۽ 26 نومبر تي اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي پي سي گهرائڻ جي تجويز رهبر ڪاميٽي جي آخري اجلاس ۾ سامهون آئي هئي.