سنڌ ڪابينا پاران نوڪريون ڏيڻ جي منظوري،طريقيڪار جوڙڻ لاءِ ڪاميٽي قائم، خالي جاين جا تفصيل طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورتر ) سنڌ ڪابينا پاران صوبي اندر فوري طور نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو، نوڪريون ڏيڻ جو طريقيڪار ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم، سمورن کاتن کان خالي جاين جا تفصيل طلب ڪيون ويون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين کان 4 گريڊ تائين جون نوڪريون سليڪشن ڪاميٽي جوڙي يوسي سطح تي ڏنيون وينديون. جڏهن ته 5 کان گريڊ 15 تائين جون نوڪريون ٽئين ڌر ذريعي انٽرويو وٺي ڏنيون وينديون. فيصلو ڪيو ويو ته پوليس ۾ ڀرتين لاءِ ٽيسٽ به ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي ويندي. سمورن کاتن ۾ نوڪرين لاءِ لکت واري هڪ ئي ٽيسٽ ٿيندي. اها ٽيسٽ جيڪي به اميدوار پاس ڪندا انهن اميدوارن کان مختلف کاتن ۾ رڳو زباني امتحان ورتو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *