(ن) ليگ اليڪشن ڪمشنر کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته(ن) ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري.فردوس عاشق اعواڻ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته(ن) ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري. ڦورو ليگ سٺي طريقي سان ڪوڙ جو مقام مٿانهون رکيو آهي هن چيو ته اوهان جي اڳواڻن جا سمورا اڪائونٽ پرڏيهه ۾ آهن.ڪاروبار ۽ علاج به پرڏيهه ۾ ٿيندو آهي. پاناما جي ڪرپشن ۽ ڪاري ناڻي جا انبار قوم ناهي وساري سگهي. هن چيو ته عدالت مان سزا کاڌل کي معصوم ثابت ڪرڻ جي لاءِ عمران خان جي ڪردار تي آڱر کڻي احسن اقبال گناهگار ٿي رهيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياسي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيون وڃن.سپريم ڪورٽ تي اوهان حملو ڪيو ۽ بريف ڪيسن جي چمڪ به اوهان ڏيکاريندا رهيو. اڄ وري اوهان نئين طريقي سان قوم کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. احسن صاحب اوهان جنهن مشن ٽوئنٽي 20 تي آهيو اهو پورو ناهي ٿيڻو عمران خان 2018 ۾ پنج سالن جي سيريز کٽي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *