لاهور(م ڊ): مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي خلاف نفرت انگيز تقريرن جو ڪيس هلڻ گهرجي.ميانوالي ۾ وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته ثابت ٿي ويو آهي ته وزيراعظم جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي. ان جو ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته وزيراعظم جڏهن ڳالهائي رهيو هو ته سڄي دنيا ان کي ٻڌي رهي هئي.(ن) ليگ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هر جڳهه ويندو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو تذڪرو ڪندو آهي. حسد ۽ سياسي انتقام ۾ وزيراعظم ذهني مريض بڻجي ويو آهي، ساڄي کاٻي ويٺل ماڻهن کي ان جو معائنو ڪرائڻ گهرجي.مريم اورنگزيب مطالبو ڪيو ته وزيراعظم تي اشتعال ۽ نفرت انگيز تقريرن جو ڪيس هلائڻ گهرجي.