اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته مون کي 2007 ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ ٿي هئي پر مان انڪار ڪري ڇڏيو.خانگي ٽي وي چئنل کي خاص انٽرويو ڏيندي اعتزاز احسن چيو ته 5 مئي 2007 تي وڪيل تحريڪ جي ريلي هئي، 3 مئي تي مشرف جو ويجهو ساٿي مون وٽ آهي ۽ نياپو ڏنو ته ڇڏيو ڊرائيونگ توهان کي وزيراعظم ٿا بڻايون.سندس موجب مان جواب ڏنو توهان جو وزيراعظم شوڪت عزيز ته موجود آهي، جنهن تي چيو ويو ته جيڪڏهن توهان ها ڪيو ته 10 منٽن ۾ ٽي وي تي شوڪت عزيز جي استعيفيٰ جي خبر اچي ويندي.هن ٻڌايو ته مان جواب ڏنو هو ته توهان سڀاڻي مون کي ڪڍي ڇڏيندا پر اهو ڪيئن ڪندا؟ جنهن تي جواب ڏنو ويو ته توهان کي دل جو دورو پوندو ۽ اي ايف آءِ سي ۾ داخل ٿي ويندا، زوردار رپورٽون ٺهنديون ۽ سڀ شاهديون تيار ٿي وينديون.اعتزاز احسن کان سوال ڪيو ويو ته ان جو مطلب آهي اهڙا دل جا دورا ۽ پوءِ اسپتال جون رپورٽون به ٺهي وينديون آهن، جنهن تي هن چيو مون کي آڇ ٿي ۽ انهن مڪمل يقين سان چيو هو، اڍائي ڪلاڪن تائين مون کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ چيو ويو هو ته انهن جا ارادا ٺيڪ ناهن، بچي رهجو، اعتزاز ۽ چيف جسٽس خاص ٽارگيٽ هوندا.پ پ اڳواڻ ٻڌايو ته اها ڳالهه رڳو مون کي ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي خبر هئي ۽ اسان سڄو رستو پريشان رهياسين، هر گل واري ۽ ٿيلهي واري کي ڏسندا رهياسين ۽ ڊڄندا رهياسين ته ڪو گرنيڊ نه اچي وڃي.هن وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته ان کانپوءِ پرويز الاهي به ٻڌايو هو ته پبي جي جبلن تي توهان ٻنهي کي ختم ڪرڻ جو حڪم آيو هو.سندس چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ سان هر ڀيري نواز شريف جو ٺاهه ٿي ويندو آهي، جهاز سازش ڪيس درست هو پر عدالت لحاظ ڪيو، ڇو ته حديبيه شگر ملز جيان اهو به نه کڻي سگهن ها.