اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد جي اسپتال ۾ خاص معاون نعيم الحق جي عيادت ڪئي.نعيم الحق ڪينسر سبب مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسپتال ۾ خاص معاون نعيم الحق جي عياد ت ڪئي.پرڏيهي وزير نعيم الحق جي عيادت دوران سندس صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته نعيم الحق جو شمار تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي ۽ هو تحريڪ انصاف جو قيمتي اثاثو آهي. پارٽي جي لاءِ سندس قربانيون ڪنهن کان به لڪل ناهن.