لنڊن(م ڊ) لنڊن جي گائزاينڊت تهامس اسپتال ۾ نوازشريف جو ڊاڪٽرن پاران ڊگهو طبي معائنو ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب گذريل ڏينهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ لنڊن جي مشهور گائز اينڊ تهامس اسپتال پهتو.اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ حسن نواز، حسين نواز ۽ ان جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان به ان سان گڏ هو. لنڊن جي گائزاينڊ تهامس اسپتال ۾ ان جي رت، گردن ۽ دل جا ٽيسٽ ڪيا ويا. ڊاڪٽر عدنان موجب نوازشريف جي طبيعت پهريان کان ڪجهه بهتر آهي.رپورٽون اچڻ کان پوءِ ان جو فيصلو ڪيو ويندو ته نوازشريف کي علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو وڃي يا نه. ٻئي طرف شهباز شريف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قوم جي دعائن سبب نوازشريف لنڊن پهتو آهي.جڏهن ته حسين نواز چيو ته سياسي ڳالهيون نه ڪنداسين. پهرين ترجيح نوازشريف جو علاج آهي. الله کيس صحت ڏي.