ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سمورن وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته مهيني اندر ڪارڪردگي چڪاس ڪندس. جنهن به وزير يا صلاحڪار يا خاص معاون جي ڪارڪردگي بهتر نه هوندي ان کي هٽايو ويندو.بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي پهچي وزيرن، خلاحڪارن ۽ خاص معاونن سان ٽن ڪلاڪن تائين گڏجاڻي ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ فريال ٽالپر جي موجودگي ۾ بلاول ڀٽي گڏجاڻي شروع ٿيندي ئي سمورن وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ ڪابينا جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان. بلاول چيو ته ٿر وانگر ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ پڻ آر او پلانٽ لڳايا وڃن ڇاڪاڻ ته اتي به پاڻي جي کوٽ آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽي چيو ته اسان هن وقت مشڪل حالتن ۾ آهيون. وفاق ۾ اسان جي حڪومت ناهي، مختلف ادارن پاران دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر نه هوندي ته ايندڙ اليڪشن ڪيئن وڙهي سگھنداسين. ماڻهن جا مسئلا حل نه پيا ٿين. عام ماڻهو ته ٺهيو پر پ پ پ جا ايم پي اي ۽ پارٽي عهديدار به شڪايتون پيا ڪن ته ڪابينا ميمبر ڪم نه ٿا ڪن، بلاول ڀٽي چيو ته اسان جي پارٽي جي طاقت ئي عوام ۽ ڪارڪن آهن. جيڪڏهن ڪارڪن ۽ عوام ڪابينا جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه هوندا ته مان ڪيئن چوندس ته اوهان سُٺو ڪم پيا ڪيو؟