زراعت متعلق هر شعبي ۾ ترقي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم عمرن خان چيو آهي ته زراعت متعلق هر شعبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهن.وزيراعظم عمران خان سان وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي  اينڊ ريسرچ مخدوم خسرو بختيار ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم خسرو بختيار کي بطور وزير منصوبه بند ۽ جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي جي رفتار تيز ڪرڻ جي ڪاوشن کي ساراهيو.وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ جي نئين فيز ۾ اهم شعبا منصوبن جو حصو بڻائيداسين. معيشت ۾ زراعت جي اهيمت جي پيش نظر انهن کي نيون ذميواريون سونپيون ويون آهن. زراعت متعلق هر شعبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *