بلاول ڀٽو زرداري عمران نيازي جي حواس تي مڪمل طور طاري ٿي چڪو آهي:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سماءَ ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري عمران خان جي حواس تي طاري آهي ۽ شايد انهي کي بلاول جو خوف سمهڻ نٿو ڏئي. تحريڪ انصاف عوامي جماعت ناهي بلڪي هو هڪ سليڪٽيڊ جماعت ۽ حڪومت آهي ان کي عوام ووٽ ناهن ڏنا پي ٽي آئي جماعت هڪ چور ۽ ڪرپٽ جماعت اهي ۽ حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان ئي هو هڪ ڪرپٽ جماعت هئي، جنهن جو اظهار پاڻ انهن جي بڻايل جسٽس (ر) وجيح الدين جي ڪميٽي ڪري ڇڏيو هو چيئرمين نيب پاران ايم سي بي جي ميان منشا ڪيس جي تحقيق جو هائي ڪورٽ ۾ ڪيس درج ٿيڻ جي باعث نه ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي ڇو ته ان ڪيس جي تحقيق جو پاڻ سپريم ڪورٽ انهن کي حڪم ڏنو آهي پر نيب جا آفيسر ۽ پاڻ چيئرمين نيب ان ڪيس کي نٿا کولڻ چاهين ۽ اهائي وجا هئي ته ان 6 سال تائين اسٽيٽ بينڪ جي اندر دٻائي رکيو ويو. چيئرمين نيب اگر منهنجي شڪايت تي ڊائريڪٽر نيب سکر جي خلاف مونکي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ منهنجي آفيسرن کي ڊڄارڻ ڌمڪائڻ جي خلاف ايڪشن نه وٺندو ته مان اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيندس ته اهو سڀ ڪجهه ان جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اڱاري واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهه بولهه ڪندي ڪيو. سعيد غني صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن عمران نيازي اهي ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي اهڙي طرح جي ذهني سوچ جا ماڻهو ڪري سگهندا آهن هن چيو ته عمران خان کان اسان اهڙي قسم جي ڳالهين جي توقع رکي سگهندا آهيون ۽ مونکي ان ڳالهه جي حيرت آهي ته هو بلاول ڀٽو جي ڳالهين کي طنز بڻائي رهيو هو جنهن ماڻهو کي اها خبر ڪونهي ته جرمني ۽ جاپان جي سرحد گڏ ناهي حضرت عيٰسي عليه اسلام جو ذڪر تاريخ ۾ ڪيترو آهي ۽ جنهن کي اها به خبر نه هجي ته چائنا ڪا اهڙي ٽرين ناهي بڻائي جنهن جي رفتار روشني کان به وڌيڪ هجي هن چيو ته جنهن شخص جي ٽيم ٽماٽر 17 رپيا مٽر 5 رپئي ڪلو ۾ وڪرو ٿيندي نظر اچن ۽ 55 رپين ۾ هڪ ڪلو ميٽر هيلي ڪاپٽر جو سفر ٿيندو آهي اهو بلاول ڀٽو تي طنز ڪندو آهي سعيد غني چيو ته حقيقت اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري عمران نيازي جي حواس تي مڪمل طور طاري ٿي چڪو آهي ۽ شايد طلاول ڀٽو زرداري جو خوف ان کي رات جو سمهڻ نٿو ڏئيان لاءِ ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي ننڊ جون گوريون کائي 48 ڪلاڪ سمهڻ جي ڪوشس ڪئي هوندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *