اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن، هو کين نه ڇڏيندو. چاهي ته مشرف جيان کين اين آر او ڏئي چار سال سڪون سان گذاري سگهي ٿو، پر کيس ووٽ جو نه پر خُدا جو خوف آهي. هزاره موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ سرڪس لڳو، جنهن مان ڪابينا جا ڪجهه ماڻهو گهٻرائجي ويا هئا، ڇاڪاڻ جو اُهي دل جا ڪمزور هئا، مون کين سمجهايو ته اطمينان رکو، ڪجهه نه ٿيندو، جيڪو جيترو ڪرپٽ هو، ڪنٽينر تي هو اوترو ئي گهڻو گوڙ ڪري رهيو هو، پر کين خبر ناهي ته پاڪستان ۾ ڌرڻن جو ماهر آئون آهيان، جيڪو هتي بيٺو آهي. مون پهرين به چيو هو ته اهي ماڻهو هڪ مهيني تائين به ڪنٽينر تي ويهن ته سندن سڀ ڳالهيون مڃي وٺندس. هُن چيو ته هڪ ماڻهو اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي، ڊيزل جي پرمٽ ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرميني تي وڪرو ٿيندڙ شخص حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. کيس مولانا فضل الرحمان جي آخرت جو فڪر آهي ۽ الله کان دعا ڪندو آهي ته کيس اهڙي سزا نه ڏئي، جيڪا ملڻي آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم پ پ چيئرمين کي به تنقيد جو نشان بڻايو ۽ کيس لبرلي ڪرپٽ قرار ڏنو. هُن چيو ته بلاول ڀٽو جي نظرئي مان ته آئينسٽائين به پريشان ٿي ويو، جڏهن هُن چيو ته برسات پوندي آهي ته پاڻي ايندو آهي ۽ گهڻي برسات پوندي آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي. هُن چيو ته بلاول پاڻ کي لبرل سڏائي رهيو آهي، اُهو به مولانا جي ڪنٽينر تي ويو. بلاول ڀٽو لبرلي ڪرپٽ آهي. بلاول ڀٽو جي نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو.