ڀارتي فوجي بي جي پي جا ڪارڪن بڻجي چڪا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي فوجي بي جي پي جا ڪارڪن بڻجي چڪا آهن.فردوس عاشق اعواڻ   پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ڀارتي رٽائرڊ جنرل جي ٽي وي تي ڪشميري عورتن سان زيادتي جي حمايت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.عالمي برادري ڀارتي فوج جي اهڙي ذهني بيمارن ۽ انسانيت جي ڏوهارين جي خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪري.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙا بيان قاتل ۽ غاصب مودي حڪومت جي ان دعوائن جي کلي ترديد آهن ته ڪشمير ۾ زندگي معمول تي اچي وئي آهي.اسان ڪشميري مائرن ۽ ڀينرن کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جرئت، شجاعت ۽ بهادري سان ڀارتي جبر ۽ ظلم جو مقابلو ڪيو.  آزادي واري جدوجهد ۾ انهن جون قربانيون ۽ خدمتون تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *