اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار چيو آهي ته 4 هفتن پورا ٿيڻ بعد نواز شريف واپس نه آيو ته شريف ڀائر حڪومت سان گڏ عدالت جا به ڏوهاري هوندا، ٻنهي ڀائرن پاڻ کي عدالت آڏو گروي رکي ڇڏيو آهي ۽ ضمانت تي پورو نه لهڻ تي صورت ۾ مٿن توهين عدالت جو قانون به لاڳو ٿيندو. احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ اٽارني جنرل پريس ڪانفرنس دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي حوالي سان اهم ڳالهيون ڪيون. شهزاد اڪبر چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ انڊيمنٽي واري شرط کي رد ناهي ڪيو، ملتوي ڪيو آهي، وفاقي ڪابينا انساني همدردي بنيادن تي نواز شريف کي رليف ڏنو آهي ۽ سندس ماضيءَ جي شين کي نظر ۾ رکندي ضمانتي بانڊ جو شرط رکيو. عدالت شهباز شريف ۽ نواز شريف، ٻنهي کان حلف نامو ورتو آهي، هاڻي جيڪڏهن هُنن حلف نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنگين ڏوهه هوندو ۽ ٻئي حڪومت سان گڏ عدالت جا به ڏوهاري هوندا. شهزاد اڪبر چيو ته نواز شريف جي مامري ۾ حڪومت کي جيڪا ضمانت کپي پئي، اُها حلف نامي جي صورت ۾ ملي وئي آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته وفاقي ڪابنا فيصلو ڪيو هو ته نواز شريف کي انساني بنيادن پرڏيهه وڃڻ لاءِ هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ گهرجي، عدالت به واضح ڪيو آهي ته ڪابينا جو فيصلو مڃڻ کانپوءِ ئي پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. شريف ڀائرن جو ٽريڪ رڪارڊ ٺيڪ نه رهيو آهي، تنهن ڪري عدالت کي به مٿن اعتماد نه آهي، عدالتي فيصلي ۾ انتهائي اهم ڳالهيون به شامل آهن. عدالت کي يقين نه هو ته شريف ڀائر صحيح ميڊيڪل رپورٽ موڪليندا يا نه. پريس ڪانفرنس دوران اٽارني جنرل انور منصور چيو ته جنوري مهيني ۾ ڪيس تي ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي، چار هفتا پورا ٿيڻ کانپوءِ شريف ڀائرن کي اجازت ۾ واڌ لاءِ ٻيهر عدالت سان رابطو ڪرڻو پوندو، اُن کانپوءِ ڳالهيون کُلي وينديون ته نواز شريف واقعي صحت جي ڪري نٿو اچي سگهي يا نه اچڻ جا بهانا ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن نواز شريف ڏيهه واپس نه آيو ته مٿس توهين عدالت جو قانون لاڳو ٿيندو. اُن کانسواءِ صادق ۽ امين جون چارجز به مٿن لڳي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ جو عدالت ۾ ضمانت ڏيڻ باوجود اُن تي عمل نه ڪرڻ سان سچ نه ڳالهائڻ وارو مامرو به اچي سگهي ٿو، صادق ۽ امين مامري ۾ جيڪي فيصلا آيا، اُهي سڀني ڏٺا آهن. پريس ڪانفرنس دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف پاڻ کي عدالت حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت وٽ پاڻ کي گروي رکي ڇڏيو آهي، هاڻي 4 هفتا پورا ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ايڪسپوز ٿي ويندا ۽ عدالت کي ضمانت ڏيڻ باوجود نوا زشريف واپس نٿو اچي ته مٿن توهين عدالت جو قلم لڳندو. نواز شريف حلف نامي ۾ يقيني بڻائڻ واري ڳالهه ڪري پنهنجي ڪُلهن تي بار رکيو آهي ته نواز شريف کي هر صورت ۾ ڏيهه واپس آڻيندو.