ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌ کي ورهائڻ جي سازشن خلاف پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو ويو آهي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾گلشن حديد کان پيغام سنڌ مارچ ڪڍيو و
و، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ڪراچي پريس ڪلب پهچي رهيو آهي. مارچ ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شريڪ آهن. اُن موقعي تي جسقم چيئرمين چيو ته پيغام سنِڌ مارچ اهڙن ماڻهن لاءِ واضح پيغام آهي، جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ۽ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هو مارچ ۾ سمورين ڌُرين کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو ته جيئن دشمنن کي پيغام ڏنو وڃي ته ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ڪري سگهجي.