هاڻ نه امپائر جي آڱر ۽ نه جعلي تبديلي هلندي، هاڻ صرف ۽ صرف عوام جي مرضي هلندي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورتر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻ نه امپائر جي آڱري ۽ نه جعلي تبديلي هلندي، هاڻ صرف ۽ صرف عوام جي مرضي هلندي.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پراڻي وڊيو هڪ دفعو ٻيهر ٽوئٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته منهنجو سوال اڄ به موجود آهي. منهنجو سوال سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کان به آهي.سليڪٽڊ کان پڇان ٿو ته ڇا اوهان کي امپائر جي آڱري پسند آئي ۽ سليڪٽرز کان پڇان ٿو ته ڇا اوهان کي تبديلي پسند آئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻ نه امپائر جي آڱري ۽ نه جعلي تبديلي هلندي هاڻ صرف ۽ صرف عوام جي مرضي هلندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *