خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان ٻيو سنڌ فيسٽول پروگرام اڄ کان شروع

خيرپور (ڊر) خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان ٻيو سنڌ فيسٽول پروگرام  هڪ هفتي لاءِ 18 نومبر کان شهيد بينظير ڀٽوا وپن ايئر ٿيٽر خيرپور ۾ ڪيو ويندو،آرٽس ڪائونسل خيرپور جو مقصد خيرپور جي عوام کي ٻوسٽ واري ماحول ۾ تفريح فراهم ڪرڻ آهي اهڙن خيالن جو اظهار آرٽس ڪائونسل خيرپور جي صدر سيد شيراز شاه جيلاني پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو،هن چيو ته  آرٽس ڪائونسل خيرپور ۾ ٻيو سنڌ فيسٽول  پروگرام هڪ هفتو جاري رهندو،جنهن ۾  سنڌجا مشهور فنڪار اسد قريشي، نسرين ناز، ماما لالو،عامر شاه، محمود لاکو، رئوف ڪنڌر ۽ ٻيا مختلف ڊراما پيش ڪندا. هن ٻڌايو ته پروگرام ۾ سنڌ جو وڏو اڳوڻو وزير سيد قائم علي شاه جيلاني،ا يم اين اي سيده ڊاڪٽر نفيسه شاه، ايم اي يز منور علي وساڻ ساجد ٻانڀڻ ، سيد احمد رضا شاه ، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري اڪبر علي لغاري، سيڪريٽري رينيو بورڊ منور علي مهيسر، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر، ضلع چيئرمين شهريار خان وساڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نعيم سنڌهو جن هوندا،سيد شيراز شاه  ڊرامن جو سلسلو 18نومبر کان 24 نومبر تائين جاري رهندو.جنهن ۾ ستا اٿي جاڳ، ائين نه مارن ريت،جذباتي فيصلا،آخر ٿيندو ڇا،ويري سماج،راڻي جي آخري رات جي عنوان تحت ڊرام پيش ڪياويندا.هي پروگرام مهراڻ نجي جي تعاون ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته ڊرامن جو سلسلو شام جو 7 بجه شروع ٿيندو ۽ 8:30 تي ختم ڪيو ويندو، ان ڪري خيرپورجي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ٽائيم جي پابندي ڪن ته جيئن وقت سر ڊراما شروع ڪري عوام کي تفريح ڏيئي سگهون ، سيد شيراز شاه جيلاني اعلان ڪندي چيو ته ڊرامن جا ڪابه فيس ناهي،عوام کي مفت تفريح ڏيئي رهيا آهيون،هن پروگرام جا آرگنائيزر سيد اڪبرعلي شاه، سيد پرويز علي شاه،شاهنواز عباسي، قاضي سرفراز، فقير ڦليو، لطيف چانڊيو،سانول ڳاهوجن هوندا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *