پهريان آرڊيننس جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺنداسين. گرفتار ماڻهن جو معاملو آخر ۾ ڏٺو ويندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو)چيف جسٽس آصف سعيد کوسه فاٽا، پاٽاايڪٽ آرڊيننس ۽ جيلن بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته جيلن ۾ قيد ماڻهن جو ڪيس موجوده دور جو اهم ترين ۽ سڀني کان وڏو آئيني ڪيس آهي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي حڪومت جيلن بابت تفصيل جمع ڪرايا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته فوج کي 2008 ۾ ڪهڙن مقصدن جي لاءِ طلب ڪيو ويو.؟ فوج طلب ڪرڻ تي به قانون موجب ئي ڪم ڪري سگهي ٿي.اٽارني جنرل چيو ته فوج کي 2008 ۾ سول انتظاميه جي مدد لاءِ گهرايو ويو جڏهن ته حراستي مرڪز 2011 ۾ ٺاهيا ويا. جولاءِ 2015 ۾ به فوج کي طلب ڪيو ويو.چيف جسٽس چيو ته قانون منظور ڪرڻ کان اڳ ڪنهن پڙهيو نه هو.؟ مسودي ۾ تمام گهڻيون غلطيون آهن. پهرين آرڊيننس جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺنداسين. گرفتار ماڻهن جو معاملو آخر ۾ ڏسنداسين. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *