جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) آزادي مارچ جي بي پلان ۾ 3 ڏينهن سنڌ، بلوچستان بارڊر تي جي يو آءِ پاران هلندڙ برسات ۾ ڌرڻو جاري، جمعي نماز به ڌرڻي واري جاءِ تي پڙهي، ڌانڌلي زده اليڪشن نامنظور آهي، ملڪي معيشت انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي عوام عذاب جي زندگي ۾ آهي، احتساب جي نالي تي انتقامي سياست ٿي رهي آهي مخالف جماعتن جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل ڀيڙو ڪيو پيو وڃي، عمران خان جي استعفيٰ ۽ نئين چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو، ڌرڻي ۾ اڳواڻن جو خطاب، جي يو آءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حِيدري ۽ قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو جو ڌرڻي واري هنڌ جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري سان رابطو ۽ هدايتون، خبر موجب: جمعيت علماءِ اسلام پاران آزادي مارچ جي بي پلان جي ٻئي مرحلي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به سنڌ بلوچستان جي بارڊر باءِ پاس جيڪب آباد وٽ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو جي يو آءِ سنڌ جي نائب صدر درگاهه امروٽ شريف جي سجاده نشين سيد سراج احمد شاهه امروٽي، جي يو آءِ ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، ضلعي شڪارپور جي امير ۽ درگاهه جرار پهوڙ جي سجاده نشين مولانا عبدالله پهوڙ، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي فرزند طارق محمود سومرو، ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهوڙو، ضلعي جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري سيد عبدالباسط شاهه، سيد شاهه محمد شاهه، مولانا فدا احمد ڊول، رشدالله شاهه امروٽي، مولانا سليم الله بروهي، حافظ مير محمد بنگلاڻي، حافظ محمد عباس نوناري، ڊاڪٽر خليل احمد کوسو، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، مفتي علي حسن ٻرڙو، حافظ محمد رمضان سومرو، حماد الله انصاري، مولانا عبدالقادر بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاري رهيو، روڊ بند هجڻ ڪري وڏي انگ ۾ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، هوڏانهن جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري سان رابطو ڪري ايمرجنسي ۽ مريضن کي رليف ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن تي هن چيو ته اسان ايمبولينس، مريضن ۽ ايمرجنسي کي مرڪزي حڪم تحت رليف ڏئي رهيا آهيون، ۽ تمام ايمبولينس کي اسان جا سالار رستو ڏئي رهيا آهن