اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ آزادي مارچ تي ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو آهي ته ڌرڻي وارن کي جيترو وقت ويهڻو آهي، ويهن پر ملڪ کي نقصان نه پهچائين، اسان ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيون. خواجه آصف حڪومتي وزيرن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان کان وڌيڪ اسان کي خبر آهي، اسان جي مطالبي تي چونڊون ٿينديون. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آزادي مارچ جو ذڪر ٿيو، اپوزيشن توڙي حڪومتي ميمبرز هڪٻئي جي اڳواڻن کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو. اسپيڪر اجلاس اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ۽ حڪومتي ڊائلاگ ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ خطاب ڪرڻ لاءِ اُٿيو ته ايوان ۾ موجود اپوزيشن ميمبرز گوڙ ڪيو، جنهن تي پرويز خٽڪ چيو ته اڄ دل سان ڳالهائڻ گهران ٿو، ٻڌي وٺو، هي تماشو نه هلندو. آزادي مارچ وارا صبر ڪن، کين اڃا گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو آهي. آزادي مارچ وارن کي جيترو ويهڻو آهي ويهن، پر ملڪ کي نقصان نه پهچائين. جيڪڏهن مولانا چوي ٿو ته ڌرڻو ٽائيم پاس لاءِ آهي ته اسان به ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيون. نواز ليگ ايم اين اي خواجه آصف خطاب ڪيو ته حڪومتي وزيرن گوڙ ڪيو، جنهن تي هُن چيو ته خاموش ٿيو، اليڪش ٿيندي ۽ اسان جي ئي مطالبي تي ٿيندي، صبر ڪريو، توهان کي خبر ناهي، اسان کي گهڻي خبر آهي. هُن چيو ته جيڪي حڪومت ۾ هوندا آهن، اُنهن کي خبر نه هوندي آهي، هنن کي خبر تڏهن پندي، جڏهن مٿن ڇِت ڪري پوندي.