ڊيل جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي:مريم نواز

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ڊيل جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي نوازشريف جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي جيڪو علاج پاڪستان ۾ مهيا هو اهو فراهم ڪيو ويو هاڻي سندس علاج پاڪستان ۾ نٿو ٿي سگهي سڄي دنيا ۾ جتي به ان جو علاج ٿي سگهي ٿو کيس ضرور وڃڻ گهرجي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي سروس اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ کي نوازشريف کي ٻاهر وڃڻ جي صلاح ڏني آهي جڏهن ته اسان جي ميڊيڪل بورڊ به اها تجويز ڏني آهي نوازشريف جي صحت تي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته منهنجي خواهش هوندي ته مان نوازشريف سان گڏ وڃان پر هن وقت منهنجو پاسپورٽ عدالت وٽ آهي جيڪڏهن هو علاج لاءِ هليو وڃي ۽ مان نه وڃي سگهان ته منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو هن وقت نوازشريف جي ٻاهرين ملڪ علاج جي حوالي سان انتظام چاچو محمد شهبازشريف ڏسندو مريم نواز چيو ته سياست سڄي ڄمار هلندي رهندي مان هڪ سال اڳ پنهنجي ماءُ وڃائي چڪي آهيان پيءُ ماءُ ٻيهر ناهي ملندا هن وقت منهنجو سمورو ڌيان پنهنجي پيءُ جي صحت تي آهي. ميڊيڪل بورڊ چيو آهي ته نوازشريف لاءِ جيڪو علاج پاڪستان ۾ ٿيو اهو ڪيو ويو هاڻي ان جو علان پاڪستان ۾ نه آهي نوازشريف کي اسپيشلايئڊ سينٽر ۾ وڃڻ گهرجي هن چيوت ه گذريل ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر نوازشريف جي پليٽليٽس جو انگ گهٽ ٿي ويو هو پيءُ کي ڇڏي اچڻ ڏکيو هو پر عدالت جي حڪم تي اچي ويئي آهيان عدالت جڏهن گهرائيندي ان جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو هن اِي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جي حوالي سان چيو ته مان هن سموري معاملي کي گهر وڃي ڏسنديس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *