لاهور (م ڊ) ريلوي جي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري خطي جي تاريخ تبديل ڪري رهيو آهي پرڏيهي معاملن تي وزراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي پاڪستان لاءِ جيڪا ڪاميابي حاصل ٿي آهي هي هڪ تاريخي قدم آهي پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته ڪافي گهٽ عقل ۽ ننڍڙي سوچ رکندڙ اندازو نٿا ڪري سگهن ته ڪرتارپور راهداري جو ڪشمير کي ڪيترو فائدو ٿيندو هي ماڻهو جيڪي بابا گرونانڪ ديوجي جي 550هين ڏينهن کي علامه اقبال جي جنم ڏينهن سان ملائي رهيا آهن انهن جي عقل تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ڪرتارپور راهداري نريندر مودي جي هنياء تي مڱ ڏريا آهن جنهن جو ان کي اندازو نه آهي هن چيو ته هي ادارن کي تڪراري بڻائي ڪنهن جي خدمت ڪري رهيا آهن انتشار ۽ ڏچي سان ملڪ کي نقصان ٿيندو آخرڪار هي پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسندا. هن چيو ته ڪاميابي ڪشميرين جي آزادي جو مقدر بڻجندي ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.