اپوزيشن جماعتون وزيراعظم جي استيعفيٰ، نئين سر چونڊن ۽ اليڪشن ۾ فوج جي مداخلت نه ٿيڻ وارن مطالبن تي قائم آهن: اڪرم دُراني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون، ٻنهي پاسن طرفان پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ سبب ڊيڊلاڪ برقرار آهي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ حڪومت جي ڊائلاگ ڪميٽي ۽ اڪرم دُراني جي اڳواڻيءَ ۾ اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ۾ ڳالهيون ٿيون. جنهن دوران حڪومت طرفان شفقت محمود، پرويز الاهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان فرحت الله بابر، احسن اقبال، ميان افتخار ۽ ٻين جماعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز وچ ۾ ڪيتري ئي دير تائين ڳالهيون جاري رهيون، تنهن هوندي به بنا نتيجي ختم ٿي ويون ۽ ڊيڊلاڪ ختم نه ٿي سگهيو. ڳالهين دوران اپوزيشن طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم جي استعيفيٰ، ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ ۽ فوج جي چونڊن ۾ مداخلت نه ٿيڻ وارا مطالبا ورجايا ويا. ڳالهين کانپوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز ميڊيا سان گڏيل ڳالهيون ڪيون. اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جي يو آءِ ف اڳواڻ اڪرم دُراني چيو ته اپوزيشن پنهجن مطالبن تي قائم آهي ۽ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهين دوران ساڳيا مطالبا رکيا. اپوزيشن طرفان گڏيل طور موقف ۽ مطالبا پيش ڪيا ويا، حڪومت وچون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حڪومت ڪميٽي جي سربراهه وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن جي ڪميٽي سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران خراب ۽ سٺيون ڳالهيون به ڪيون ويون، اڃا تائين ساڳي پوزيشن آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن. حڪومت وچون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اپوزيشن جي به عزت رهي ۽ حڪومت جو به خيال رکيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز خٽڪ اعتراف ڪيو ته ڊيڊلاڪ برقرار آهي ۽ ڳالهين جا دور جاري رهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *