ڪير روڪي نه ٿو سگهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته آزادي مارچ وارن جو مسئلو هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو ۽ مولانا فضل الرحمان واپس وڃي رهيو آهي. ٽوئيٽر تي وڊيو بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته کيس خوشي آهي جو موجوده پي ٽي آءِ سرڪار آزادي مارچ واري مسئلي کي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان هينڊل ڪيو آهي. هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ مولانا فضل الرحمان واپس وڃي رهيو آهي. سياسي جماعتون پنهنجو حق سياسي طريقي سان مڃائيندو آهن.، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي جهڙن ماڻهن کي پاڻ سان گڏ رکي اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي جو ڄڻ ته ملڪ خلاف انتشار ۽ ڏڦيڙ وارو ماحول آهي. شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت پنج سال پورا ڪندي، انشاءَ الله مولانا فضل الرحمان واپس وڃي رهيو آهي، هاڻي اسلام آباد پُرسڪون هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *