رحيم يار خان ڀرسان ٽرين کي خوفناڪ باهه:73 مسافر سڙي فوت، مسافرن سلينڊر ۾ ناشتو تيار ڪيو ته سلينڊر ڦاٽي پيو:ريلوي انتظاميه

ڪراچي(اسٽاف رپورتر) رحيم يار خان جي لياقت پور ويجهو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب تيز گام ايڪسپريس کي باهه لڳي وئي، واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 73 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي پڻ ٻڌائي پئي وڃي، اڃان به فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، ڊي پي او رحيم يار خان امير تيمور خان ۽ ريسڪيو هيڊ بهاولپور باقر حسين حادثي ۾ 73 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس ۾ واقعو پيش آيو، گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽرين حادثي جو شڪار ٿي وئي، ڊسٽرڪٽ انتظاميه ۽ اسپتالن جي انتظاميه 73 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، اسپتال انتظاميه موجب اڃان به فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي ٽي ايڇ ڪيو لياقت پور ۽ بهاولپور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مسافرن سلينڊر ۾ ناشتو تيار ڪيو ته سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن کانپوءِ ٽرين کي باهه لڳي وئي، واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن، آءِ ايس پي آر ترجمان موجب پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.تيز گام ايڪسپريس ۾ باهه جي واقعي بابت ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر ٽرين ۾ سلينڊر ڌماڪي سبب ٽن بوگين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ ٻه اڪنامي ۽ هڪ بزنس ڪلاس بوگي شامل آهي، جڏهن ته حادثي سبب ڪو ٽريڪ متاثر ناهي ٿيو، ٽرينون شيڊول موجب هلي رهيون آهن، ريلوي عملدار اعجاز احمد ٻڌايو ته باهه ٽرين جي بوگي نمبر 3،4،5 ۾ لڳي، ٽنهي متاثر بوگين جون وڌيڪ ٽڪس هڪ ئي مسافر جي نالي تي بڪ ڪرايون ويون هيون، جنهن جي ڪري انفرادي نالا ڪڍڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ٻئي پاسي سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو تيز گام جي بوگين کي باهه لڳڻ سبب 70 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿيڻ واري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو واقعي جي فوري طور شفاف جاچ ڪرائي احتساب جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ريلوي وارو وزير شيخ رشيد مسافرن تي الزام مڙهي گهٽ ذهنيت جو مظاهرو نه ڪري. هُن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم اليڪشن کان اڳ عوام سان ڪيل واعدو پاڙي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين شيخ رشيد کي عهدي تان هٽائي. بلاول ڀٽو سڀاڻي رحيم يار خان پهچي زخمين جي عيادت ڪندو. جي يو آءِ ف طرفان تيز گام سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن سان ڏک ونڊيو آهي. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *