ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جو جلسو ملتوي ٿيڻ واري دعويٰ سان اپوزيشن ۾ ڏار پئجي ويا. مولانا فضل الرحمان نواز ليگ اڳواڻن جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته جلسو ملتوي نه ڪيو آهي، اسان فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي. احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن اڳواڻن پاڻ ۾ رابطا ڪري گڏيل طور جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصل ڪيو آهي. نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رحيم يار خان سانحي کانپوءِ اپوزيشن قيادت جا پاڻ ۾ رابطا ٿيا، جنهن ۾ تيز گام سانحي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڌ اسلام آباد ۾ اڄ رٿيل آزادي مارچ جو مرڪزي جلسو ملتوي ڪرڻ جو گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو آهي. هُن چيو ته رحيم يار خان سانحي جي سوڳ ۾ جلسو اڄ نه، پر سڀاڻي ڪيو ويندو. نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته اپوزيشن گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته آزادي مارچ ۾ شامل قافلا پنهنجو سفر جاري رکندا ۽ اڄ اسلام آباد پهچڻ بعد اُتي ترسندا، سڀاڻي جلسي کي مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف سوڌو اپوزيشن جي ٻي قيادت خطاب ڪندي. اُن کان اڳ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب بيان جاري ڪندي چيو هو ته رحيم يار خان سانحي سبب مخالف ڌر جي قيادت آزادي مارچ جو جلسو سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪوبه جلسو ملتوي نه ڪيو آهي، هي اسان جو پروگرام آهي ۽ اسان ئي فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي. جي يو آءِ ف سربراهه آزادي مارچ جي قافلن کي هدايت ڪئي ته اُهي پروگرام تحت وقت سِر اسلام آباد پهچن، جلسو ملتوي نه ڪيو آهي. مارچ کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هي آزادي مارچ آهي ۽ اسلام آباد ۾ به آزادي مارچ هوندو، مارچ ۾ جلسو به هوندو آهي، ڌرڻو به هوندو آهي، سڀ ڪجهه هوندو آهي. پنهنجي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان تيز گام سانحي تي افسوس ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هُن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪئي ڃي ته تيز گام سانحو آهي يا دهشتگردي. واقعي ۾ جيڪو نقصان ٿيو، اُن تي افسوس ٿيو آهي ۽ سمورن متاثرن سان ڏک ونڊيون ٿا. نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جي اعلان کانپوءِ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غفور حيدري چيو ته جيڪڏهن ڪير اهو چئي رهيو آهي ته اسان پروگرام ملتوي ڪيو آهي ته اها سازش آهي، مريم اورنگزيب نه مون سان رابطو ڪيو آهي ۽ نه مون ساڻس رابطو ڪيو. مريم اورنگزيب پاڻ رابطو ڪندي ته خبر پوندي ته هوءَ ڇا چوڻ گهري ٿي.