اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزادي مارچ جي لاءِ لوڊڊ ڪنٽينر نه پڪڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڪنهن جو به ڪنٽينر پڪڙيو ته هو ان جو نقصان پورو ڪرڻ جي به ذميوار هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ آزادي مارچ کي نظر ۾ رکندي ڪنٽينرز جي پڪڙڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقت عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ڊي سي اسلام آباد کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جيڪي ڪنٽينر پڪڙيا آهن ان ۾ سامان به آهي.؟ عدالت جي پڇاڻي تي ڊي سي ٻڌايو ته اسان ڪوبه ڪنٽينرز ناهي پڪڙيو.پيپرا رولز جي تحت لاهور جي هڪ پارٽي ڪنٽينرز فراهم ڪري رهي آهي ڪنٽينرز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 6 ڪروڙ روپين ۾ ٽينڊر جاري ڪيو ويو. عدالت درخواست ڏيندڙ جي استدعا تي ڊي سي اسلام آباد کي حڪم ڏنو ته ڪنهن جو به ڀريل ڪنٽينر نه پڪڙيو وڃي ۽ حڪومت ڪنهن جو به ڪنٽينر پڪڙيندي ته هو ان جو نقصان به پورو ڪرڻ جي ذميوار هوندي.عدالت اميد ڪري ٿي ته ڊي سي اسلام آباد قانون موجب ڪم ڪندو. چيف جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته ڪنهن جو ڪنٽينر آرٽيڪل 18 جي خلاف ورزي جي تحت پڪڙيو ويو ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ عدالت آزادي مارچ کي نظر ۾ رکندي ڪنٽينرز کي پڪڙڻ جي خلاف درخواست اُڪلائي ڇڏي.