اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندا ) ارسا چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي پاور پلانٽ اڏڻ لاءِ جاري ڪيل اين او سي تي سنڌ حڪومت پاران واريل اعتراض کي رد ڪندي سي سي آءِ ۾ وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار ارسا چيئرمين کي چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ خلاف ٻن صفحن تي ٻڌل خط لکي اعتراض واريو هو، سنڌ حڪومت چشما جهلم لنڪ ڪئنال فلڊ ڪئنال هجڻ باوجود انهي تي بجلي گهر اڏاڻ جي اين او سي جاري ڪرڻ تي احتجاج پڻ ڪيو هو،