پاڪستان ورلڊ بينڪ جي رينڪنگ ۾ بهتري جي تاريخ جوڙي ورتي: وزيراعظم

اسلام آباد:(بيوو): وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ورلڊ بينڪ جي رينڪنگ ۾ بهتري جي تاريخ جوڙي ورتي آهي.اپوزيشن اپرٽين طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي هاڻوڪن حڪمرانن پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اها ئي صورتحال جاري رهي ته ملڪ تمام جلد ڏيواليو ٿي ويندو.جڏهن ته وزيراعظم جي معاشي ٽيم جي دعويٰ آهي ته حڪومت جي ڏکين فيصلن سبب پاڪستان درست معاشي طرف ۾ هلي پيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ طرفان پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو پيو وڃي.هان وزيراعظم عمران خان پڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان ڪاروبار ۾ سولايون پيدا ڪري پنهنجي منشور ۾ ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو.عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ورلڊ بينڪ جي اي او ڊي بي رينڪنگ ۾ پنهنيج تاريخ جي سڀ کان بهترين ترقي حاصل ڪئي آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي دوران پاڪستان جي  رينڪنگ 50 درجا هيٺ وئي هئي پر هاڻ اسان 28 درجا بهتري حاصل ڪئي آهي ۽ اسان 135 کان 108 تي اچي ويا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *