اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪائونسل جمون ۽ ڪشمير ۾ دهشتگرد جو راڄ ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن واري ڏينهن تي پنهنجي
پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومون عالمي امن ۽ سلامتي، انساني حقن ۽ انساني عظمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ براول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، ڪيترن ئي ملڪن جي تعاون هميشه کان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ بنيادي جز رهيو، ڀارت جي قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال خراب ٿي چڪي آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته تڪراري ڪشمير سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي اڄ به حل جوڳي جي مسئلي جي طور تي موجود آهي، سلامتي ڪائونسل جمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو راڄ ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن وسيلي جمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرايو وڃي.