ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ صوبي ۾اغوا جا واقعا 87 سيڪڙو گهٽجڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ نشي جا عادي، بيروزگار ۽ پرڏيهي ماڻهو شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ اندر اغوا جي واقعن ۾ 87 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سال 2014 ۾ ڪراچي ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو، هاڻي 70هين نمبر تي آهي، جنهن مان ظاهر ٿيو ته شهر ۾ پُرامن ٿي ويو آهي. آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم گهٽجي ويو آهي، 317 گينگس کي ختم ڪيو ويو ۽ 621 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسٽريٽ ڪرائيم ۾ نشي جا عادي، بيروزگار ۽ پرڏيهي ملوث آهن. آءِ جي سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي آئيس جي خطرناڪ نشي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل سال ڏهائي 74 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته هلندڙ سال 132.76 ڪلوگرام آئيس پڪڙي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪراچي شهر ۾ ايتري مقدار ۾ آئيس آئي آهي. آئيس ۽ ٻي منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت قسم جي ڪارروائي ڪئي وڃي. آئيس اسان جي ايندڙ نسلن کي وڏو نقصان پهچائي رهي آهي. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائيم تي به وڌيڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اي آءِ جي ڪراچي ٻڌايو ته شهر ۾ سٺا ايس ايڇ اوز رکيا ويا آهن، جنهن جي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم گهٽيو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي ۾ 3 ڊي آءِ جيز ۽ 7 ايس ايس پيز آهن، مون ڪڏهن ڪنهن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي؟ آئون پوليس ۾ بدلين ۽ مقررين لاءِ ڪڏهن به سفارش نه ڪندو آهيان، جڏهن اسان جي زيرو مداخلت آهي ته امن امان جي صورتحال به بهترين گهرجي.