مٺي/ اسلام ڪوٽ (نمائندن وٽان) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام ڪوٽ ۾ آمد کان اڳ ٿر ڪول بلاڪ هڪ جي متاثر ڪولهي، ڀيل برادري ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن پاران عورتن سوڌو پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو حتجاج ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ٿرڪول ايريا ون ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن ڀيم راج ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، محبتو ڀيل، ليلارام ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 ۽ بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين مقامي ڳوٺاڻن جي زمين تي قبضن سان گڏ سندن لنگه بند ڪري زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي، هنن چيو ته بلاڪ ون جي ڪولهي برادري جي گهرن کي گهيراو ڪري ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، زمينن جو معاوضو به ناهي مليو، اذيتون ڏنيون پيو وڃن، گوڙاڻو ڊيم مقامي آبادي لاءُ خطرو بڻيل آھي، مقامي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار ڪوڙا واعدا ڪري احتجاج ختم ڪرايو پر وري واپس ڏسڻ جي به زحمت نه ڪئي. هنن چيو ته حق ڏيئي مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو ڪراچي تائين وڌايو ويندو.