اسلام آباد(بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو آهي جنهن جي استعيفيٰ سان سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.احتساب عدالت اسلام آباد جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي حڪومت آصف زرداري کي طبي سهوليتن کان پري رکي پ پ تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي. افسوس آهي ته آصف زرداري جي علاج جي حوالي سان ڊاڪٽرن جون ڳالهيون به نٿيون مڃيون وڃن.پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان پاڻ چيو هو ته اسان اپوزيشن کي احتجاج جي لاءِ ڪنٽينر ۽ کاڌو ڏينداسين. ان کي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ گهرجي. عمران خان صاحب کي سمجهڻ گهرجي ته احتجاج جمهوري حق آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت پاڻ اسلام آباد بند ڪري رهي آهي. جمهويت ۾ ائين ناهي ٿيندو ته اوهان مخالفن جي ڪريڪ ڊائون جي لاءِ عدليه ۽ نيب تي دٻاءُ وجهو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هن حڪومت جو مقابلو ڪنداسين ۽ کيس گهرڀيڙو ڪنداسين. جمهوريت جي بحالي، معيشت جي درستي ۽ ميڊيا جي آزادي واري رستي ۾ عمران خان رڪاوٽ بڻيل آهي. پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو هو پاڻ آهي ان لاءِ ان کي گهرجي ته هو استعيفيٰ ڏئي عوام جي جان ڇڏي. ان جي استعيفيٰ سان سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.