اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن کي داءُ تي لڳائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان او آءِ سي کي ڪشمير مسئلي بابت گڏ ڪيو. ڀارت جي ساک دنيا ۾ متاثر ٿي رهي آهي.نريندر مودي جي هريانه ۾ تقرير سنڌ طااس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. ڀارت آبي جارحيت جي طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير جا حالات معمول تي اچڻ جو ڀارتي بيان به سڀني جي سامهون اچي ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت خطي جي امن کي داءُ تي لڳائڻ چاهي ٿو. ڀارت بي نقاب ٿي رهيو آهي. ڀارتي الزام تراشي تي دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.پرڏيهي وزير چيو ته سرحد تي ڀارتي فائرنگ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سفارتڪارن کي ايل او سي ڏانهن وٺي وڃي اهو سڀ ڏيکاريو وڃي. ڀارتي سفارتڪار پاڻ اصل صورتحال ڏسن ها ته هنن کي پنهنجي حڪومت کي سمجهائڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ڀارت فالز فليگ آپريشن جي ڳولا ۾ آهي. ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن ۾ ڦاٿل رهي.آمريڪي ڪانگريس ۾ به اڄ ڪشمير مسئلي تي بحث ٿيندي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سميت سمورن سفارتڪارن کي واقعي واري هنڌ جي دوي جي دعوت ڏني. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سان ڏکڻ ايشيا ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو. ڀارت هر طريقو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ اسان سوڇي سمجهي اڳيان وڌي رهيا آهيون.