اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت وائڙائپ جو شڪار ٿي خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ گهري ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ڪوڙي دعويٰ ڪري بالاڪوٽ ۾ حملو ڪيو هو، پر اُن حوالي سان ڀارتي ڪوڙ دُنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو. دُنيا ڏٺو ته ڀارت پهاڙين تي بم وسائي ۽ ڪجهه وڻن کي نقصان پهچائي واپس هليو ويو. اڄ به جيڪڏهن ڀارت ڪا دعويٰ ڪري رهيو آهي ته عالمي ميڊيا اچي ۽ حقيقت ڏسي. هُن چيو ته ڀارت جي پروپئگنڊا بي نقاب ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اُن کي منهن لڪائڻ لاءِ جاءِ نه ملي رهي آهي. پاڪستان سدائين معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڀارت خطي کي نقصان پهچائڻ وارا قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميري ڀارت سان بغاوت ڪري چڪا آهن، پر ڀارت دُنيا کي والاريل ڪشمير جون حالتون ڏسڻ نٿو ڏئي. ٻئي پاسي پاڪستان ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ايل او سي تي ويڙهه بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ايل او سي تي ٽن سيڪٽرز تي ڀارت طرفان بنا جواز فائرنگ ڪئي. پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ايل او سي تي ويڙهه بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي احتجاج ۽ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت خطي جو امن خراب ڪرڻ وارين ڪوششن کان پاسو ڪري ۽ ايل او سي تي ويڙهه بندي واري معاهدي جي پاسداري ڪري.